اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل ۽ سنگين خلاف ورزين تي آواز اٿاريندو رهندو ۽ هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو ??ق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنا فرق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته 1990ع جي ڏهاڪ?? جي آخري 10 ڏينهن ۾ ڀارتي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قتلام جي ٽن وڏن واقعن ۾ ملوث رهيو. هن چيو ته 21 جنوري 1990ع تي سرينگر جي علائقي گائوڪدل ۾ ڀارتي فوجين پرامن مظاهرين تي فائرنگ ڪري 50 شهرين کي شهيد ۽ درجنين کي زخمي ڪري ڇڏيو، 25 جنوري 1990ع تي هندواڙه جي قبضي ۾ ڀارتي فوجين وڌيڪ 21 معصوم ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 27 جنوري 1994ع تي ڀارتي فوجين ڪپواڙه قصبي ۾ 27 شهرين جو قتل عام ??يو ويو. ترجمان چيو ته متاثرين ۽ ان جا گهر وارا اڄ تائين انصاف جا منتظر آهن، ان ڪڌي ڏوهه ۾ شامل ماڻهن جو ڪڏهن به احتساب نه ??يو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اڄ اسان شهيدن کي ياد ڪريون ٿا ۽ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ڪائونسل آف منسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 23 ۽ 24 جنوري تي تاشقند جو ??ورو ڪيو. هن اي سي او جي وزارتي ڪائونسل کي پنهنجي خطاب ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن، سياحت ۽ اقتصادي ترق?? جي لاءِ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ م??بو?? علائقائي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ علائقائي تعاون تنظيم کي وڌائڻ جي لاءِ واپاري پاليسين کي هم آهنگ ڪرڻ، م??بو?? انفراسٽرڪچر جي قيام، شين ۽ خدمتن جي آزاداڻي چرپر کي آسان بڻائڻ تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن جي چئلينجن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ممتاز زهره بلوچ چيو ته وزارتي اجلاس جو هڪ اهم نتيجو ??اڪو آذربائيجا?? ۾ ??ي سي او ريسرچ سينٽر جي چارٽر تي معاهدو هو، اهو مرڪز اي سي او جي ميمبر ملڪن جي و?? ۾ ??قتصادي مسئلن تي مهارت ۽ تحقيق تي حصيداري کي فروغ ڏيندو. هن چيو ته وزارتي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران، تاجڪستان، ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن ۽ ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون. ترجمان چيو ته پاڪستان اي سي او تنظيم جي باني ميمبر طور اقتصادي تعاون تنظيم کي م??بو?? ڏسڻ چاهي ٿو ته جيئن علائقائي تعاون کي وڌيڪ موثر بڻائڻ سان گڏوگڏ علائقائي واپار تي خصوصي ڌيان ڏئي سگهجي. ترجمان چيو ته گڏيل عرب امارات جو ??در شيخ محمد بن زيد النهيان گذريل ڏينهن پاڪستان جي نجي دوري تي رحيم يار خان پهتو، جنهن جو ??يئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف استقبال ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ م??بو?? بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته روس جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي سفير ضمير ڪابلوف خط?? جي پنهنجي دور?? جي هڪ حصي طور هلندڙ هفتي پاڪستان جو ??ورو ڪيو. هن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ افغانستان بابت خصوصي نمائندي سفير محمد صادق سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقات?? ۾ ??فغانستان جي صورتحال ۽ خط?? جي تازي اڳڀرائي تي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان علائقائي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي خواهشن کي ورجايو ته جيئن دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ افغانستا?? ۾ ??نساني بحران کي روڪڻ ۾ مدد لاءِ عبوري افغان حڪومت سان مسلسل ۽ عملي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌايو وڃي. هن چيو ته ٻنهي پاران افغانستا?? ۾ ??من، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هم آهنگي ۽ تعاون کي وڌيڪ م??بو?? بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز سميت ماسڪو فارميٽ ۽ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي پليٽ فارم جي ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان سوئيدن ۽ هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمت?? جي تازين ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ان قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. اسان قرآن پاڪ جي بي حرمت?? جي انهن واقعن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسلامو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ترجمان چيو ته ان قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. هن چيو ته انهن واقعن جو واحد مقصد مسلمان اقليتن جي خلاف تشدد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ??يو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررواين خلاف ٺوس قدم کڻن. ترجمان چيو ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 30 جنوري تي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. هن چيو ته مملڪتي وزير انساني حقن واري ڪائونسل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پاڪستان جي قومي ترق?? جي رپورٽ پيش ڪندي. اهو پاڪستان جو چوٿون جائزو هوندو، ان کان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ان عمل تحت پاڪستان جو ??ائزو ورتو ويو آهي. ترجمان چيو ته مملڪتي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پاڪستان پاران گذريل 5 سال?? ۾ ??نساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو ??اڪو پيش ڪندي. ان کانسواءِ هوءَ عالمي انساني حقن جي حوالي سان پاڪستان جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي.
پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل ۽ سنگين خلاف ورزين تي آواز اٿاريندو رهندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ