ڊيووس- 23 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان حوٿين جي ڪاررواين ۽ يمن جي گروپن خلاف آمريڪي حملن جي پسمنظر ۾ ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڳاڙهي سمنڊ ۾ جاري ڇڪتاڻ هٿن مان نڪري سگهي ٿي. ال??رب??ه مطابق هن سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي هڪ انٽر ويو ۾ هن چيو ته يقينن اسان تمام گهڻا فڪرمند آهيون، اسان خطي ۾ هڪ ا??ته??ئي مشڪل ۽ خطرناڪ وقت مان گذري رهيا آهيون ۽ انجي ڪري ئي ڇ??تا??ڻ گهٽائڻ چا??يون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته بنا شڪ جي اسان آزاد ۽ محفوظ جهاز راني تي پختو يقين رکون ٿا. اها اهڙي شيءِ آهي جنهن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي پر اسان کي خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي به ضرورت آهي. ان لاءِ اسان کي حالتن کي جيترو ٿي سگهي پرسڪون ڪرڻ تي ڌيان ڏيون.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا