جنيوا-27 جولاءِ (اي پي پي) جنيوا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي گروپ يورپي ملڪن ۾ بار بار قرآن پاڪ جي ب??حرمتي جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جا لاڳاپيل ماهرن طرفان اهڙن واقعن تي خاموشي افسوسناڪ آهي. او آءِ سي گروپ گذريل ڏينهن پنهنجي ب??ان ۾ چيو ته اسان لاڳاپيل حڪومت طرفان اهڙن واقعن جي مذمت کي تسليم ڪريون ٿا پر ان ڳالهه تي ڳڻتي آهي ته انتهاپسند اهڙا ملڪ جن ۾ انتهائي ضروري حفاظتي قانوني ۽ انتظامي پاليسي جي عدم موجودگيءَ ۾ استحصال جاري رکي سگهن ٿا. گروپ چيو آهي ته انهن مان ڪجهه واقعن جي پٺيان نسلي مقصد کي واضح طور نظرانداز ڪ??و وڃي ٿو، ڪجهه رياستن ۾ پهريان انهن اهڙين ڪاررواين جي منظوري ??يڻ ۽ پوءِ ان جي مذمت ڪرڻ ۾ سياسي سطح تي خاموشي اختيار ڪئي وڃي. گروپ ياد ڏياريو ته مذهبي منافرت جي روڪٿام لاءِ ويجهڙ ۾ ئي انساني حقن واري ??ائونسل ۾ قرارداد منظ??ر ڪئي وئي جنهن ۾ قرآن پاڪ جي ب??حرمتي جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ مذهبي نفرت ۽ تشدد کي ڀڙڪائڻ جي روڪٿام لاءِ احتساب جو مطالبو ڪ??و ويو. قرارداد ۾ هاءِ ڪمشنر ۽ انساني حقن جي ادارن تي زور ڀر??و ويو ته اهي اهڙي واقعن کي روڪين، گروپ چيو ته اهڙن واقعن تي گڏيل قومن جي لاڳاپيل ماهرن جي خاموشي افسوسناڪ آهي، ا??ان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته ذاتي علمي نظرين کي ڪنهن کي ب?? پنهنجي اخلاقي ۽ قانون ذميدارين سان نه روڪڻ گهرجي جهڙوڪ ان بابت مئنڊيٽ ۾ بيان ۾ ڪ??و ويو آهي. او آءِ سي گروپ چيو ته اسان ان نظريي کي رد ڪريون ٿا ته قرآن پاڪ جي سرِعام ۽ طئي ٿيل منصوبي تحت بيحرمتي اعتراض جوڳي آهي پر قانوني طور تي اجازت جي قابل فعل آهي ان جي ابتڙ هي ب??ن الاقوامي قانون تحت قابل مذمت ۽ منع ٿيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي مذهبي نفرت دشمني ۽ تشدد کي وڌائي ٿو. گروپ نشاندهي ڪئي ته انساني حقن جي ڪائونسل ذاتي علمي نظرين کي ڪالعدم قرار ڏئي ٿو، خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪائونسل آڏو جوابده آهن ان حوالي سان پنهنجي مئنڊيٽ جا پابند آهن. گروپ چيو آهي ته ماڻهن ۽ ڪميونٽيز کي مذهبي نفرت دشمني ۽ قرآن پاڪ يا ٻين مقدس ڪتابن جي ب??حرمتي ۽ تشدد کي وڌائڻ سان بچائڻ لاءِ اهڙيءَ طرح جي واقعن جي روڪٿام ۽ جوابدهيءَ جي ضرورت آهي.
گڏيل قومن طرفان قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي واقعي تي خاموشي افسوسناڪ آهي: اسلامي تعاون تنظيم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی