اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد ??اج??ه چڙي ڪوٽ سيڪٽر ۾ لائين آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو. آزاد ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر پڻ ان موقعي تي موجود هو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب جنرل آفيسر ڪمانڊنگ وزيراعظم کي لائين آف ڪنٽرول تي صورتحال، ڀارت پاران سيزفائر جي ??لاف ورزيون ڪندي شهرين کي نشان?? بڻائڻ ۽ پاڪ فوج پاران پيشيواراڻي انداز ۾ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم بيگناهه شهرين کي نشان?? بڻائڻ جي ڀارتي غيرپيشيواراڻي اپروچ جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پنهنجي ??خلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. ڀارتي گولاباري سبب شهيد ٿيندڙن جي ??اندانن ۽ زخمين سان ملاقات ڪندي وزيراعظم انه جي ??وصلي ۽ عزم کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی