??سل??م آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي، ملڪ ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڪي ڳجها ٺڪاڻا نه آهن، دهشتگردي خلاف دنيا جي ??ڀ کا وڏي جنگ وڙهي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته بحران، مشڪلاتون ۽ چئلينجز ايندا رهندا آهن، حڪومت جو ڪم انهن جو مقابلو ڪرڻ آهي ۽ اهو اسان ڪري رهيا آهيون، گڏيل قومن جون جيڪي به قراردادون آهن اسان انهن جي مڪمل تعميل ڪريون ٿا، حڪومت سمورن مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي ??وا?? ۾ هن چيو ته اهي خطرا نه آهن پر مسئلا آهن جن جو اظهار مختلف فورمن تي ڪجهه ملڪن ڪيو آهي جنهن جو پاڪستان وڏو واضح ??وا?? به ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسان ج?? ان حوالي سان ??وا?? وڏو واضح آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڳجها ٺڪاڻا نه آهن ۽ نه ئي پاڪستان ڪنهن قسم جي ??هشتگردي جي ??مايت ڪري ٿو پر پاڪستان ته هن وقت دهشتگردي جي ??لاف دنيا جي ??ڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي.
پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری