ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد ??اق??ن عباسي ۽ افغان صدر اشرف غني رابطن جي ذريعي علائقائي سلامتي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهين جي دوران ٿيو جيڪو افغان صدارتي محل ۾ منقعد ٿيو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب ڳالهيون نهايت خوشگوار ۽ دو??تا??و ماحول ۾ ٿيون، افغان صدر وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي جڏهن ته وزيراعظم والهاڻي مهمانوازي تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم شاهد ??اق??ن عبا??ي افغان صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني، افغان صدر اشرف غني وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻئي پاسي وزيراعظم شاهد ??اق??ن عباسي ۽ افغان صدر اشرف غني ارگ مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم شاهد ??اق??ن عبا??ي افغان صدر محمد اشرف غني جي دعوت تي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پهتو.
وزيراعظم ۽ افغان صدر ۾ رابطن وسيلي گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش