ڪراچي- 19 آڪٽوبر ( اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل 12 ربيع الاول جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ منهنجي آقا سرور قونين حضرت محمد صلي الله عليهه ??سل?? جو يوم ولادت آهي اڄوڪو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ خوشي ۽ مسرت جو ڏينهن آهي. الله تعاليٰ حضرت محمد صلي الله عليهه ??سل?? کي هن دنيا ۾ رحمت للعالمين بڻائي موڪليو اسان کي پنهنجي آقا جي تعظيم سان گڏو گڏ سندن تعليمات کي به غور سان ڏسڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ سمجهي ان تي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
حضور جن جي تعليمات ئي اڄوڪي ڏينهن جو سڀ کان وڏ?? فلسفو ??هي. اسان کي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران پنهنجي نبي ڪريم صلي الله عليهه ??سل?? جي ڏيکاريل رستي تي هلڻو آهي. هن چيو ته منهنجي نبي جي زندگي ۾ انهن جو کائڻ پيئڻ ، اٿڻ ويهڻ ، انهن جي سي??ست ، انهن جون جنگيون ، انهن جي منصوبه بندي ، ري??ست مدينه جو قيام ۽ ري??ست مدينه جي ماڻهن سان سلوڪ انهن سمورن روين جو نالو ئي اسلام آهي. اسان سڀ اڄ عهد ڪيون ته جيڪو رستو منهنجي نبي ڏيکاريو ان رستي تي هلي فلاح جي رستي تي وڃون.