اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ اطلاعات واري وزارت جي ??ينئر آفيسرن جي ??عزاز ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ڪيل چانهه جي ??هتمام جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم جي ??اص مددگار علامه طاهر اشرفي، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهده، پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، اي پي پي جي ??يم ڊي مبشر حسن، پي ٽي وي جو ايم ڊي عامر منظور، ايگزيڪيٽو پروڊيوسر عون ساهي، وزيراعظم جو ڊجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، جي ??يم ڊجيٽل ميڊيا ونگ عمران غزالي ۽ پرڏيهي وزارت جي ??ينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??ير معمولي اجلاس ۽ ان جي ??رادن ۽ مقصدن جي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موثر تشهير تي اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان جي ??دمتن کي ساراهيو. هن چيو ته الله رب العزت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو، افغانستان جي ??والي سان منعقد او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??ير معمولي اجلاس کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ به ??رع??م آهي.
پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری