اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته اسان منظم مافيا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عالمي بئنڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو ترقي جي تصديق ڪري رهيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ حڪومتي پاليسين جي عالمي سطح تي واکاڻ ٿي رهي آهي ته اهڙي وقت ۾ ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي بي تُڪي رپورٽ اچي ٿي جنهن جو سر آهي نه پير ۽ هڪ پر??س رليز تي هيڊ لائينون لڳي وينديون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي رپورٽ چئي ٿي ته پاڪستان ۾ رول آف لا ۾ تنزلي ٿي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته هو ايئن ڇو چئي رهيا آهن؟ رپورٽ ۾ مالياتي ڪرپشن جو تذڪرو به ناهي پر پر??س رليز ۾ اهڙا قصا جوڙيا ويا ته ڪرپٽ اپوزيشن جي به جرئت ٿي ته حڪومت تي تنقيد ڪري، هن چيو ته ن ليگ ۽ فضل الرحمان عمران خان جي حڪومت کي ڪرپٽ چون، ان کي آسمان تي ٿڪڻ چوندا آهن.
اسان منظم مافيا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عالمي بئنڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو ترقي جي تصديق ڪري رهيو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا