اسلام آباد – 02 فيبروري (ا?? پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال 28هين چيف جسٽس آف پاڪستان طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ صدر ??اڪ??ر عارف علوي کائنس حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ??اڪ??ر نسيم فروغ، سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، وڪيلن جي تنظيمن جي عهديدارن ۽ س??ل فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس عمر عطابنديال چيف جسٽس جي طور تي ??قر??ي جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. صدر ??اڪ??ر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال کي چيف جسٽس آف پاڪستان ??قر?? ڪيو ان جي ??قر??ي جو نوٽيفڪيشن 2 فيبروري کان لاڳو هوندو، ان کان پهرين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار حسين پهرين فيبروري تي پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويو هو.
جسٽس عمر عطابنديال 28هين چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو، وزيراعظم جي خصوصي شرڪت
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ