اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين ٽوڙيندڙن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين، تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪر?? ڇڏيو، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا، سياسي سرگرمين جي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي نه، ميرٽ کان هٽي ڪر?? ڪو ڪم نه ٿيندو، اميد آهي ته پيپلزپارٽي ڪابينا جو حصو بڻجندي، اتحادي حڪومت آهي سڀني کي حصو بڻجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ صحافي?? سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هاڻي پنجاب اسپيڊ نه پاڪستان اسپيڊ ٿيندي، ڪنهن ملڪي وسيلن جو ناجائز اس??عمال ڪيو ته قانون جو رستو اختيار ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته متحده ميمبر?? سان ملي آيو آهيان، سڀاڻي مزار قائد ويندس، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو مدو ڏيڍ سال آهي، اس??ن کي ڪيترو عرصو رهڻو آهي اهو فيصلو اتحادي گڏجي ڪندا، (ن) ليگ جي سوچ آهي ته سڌارا ڪر??ون ۽ اليڪشن ۾ وڃون، هن چيو ته سڀ کان وڏو چئلينج تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته سياسي سرگرمين جي سڀني کي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي ڪابينا جو حصو بڻجندي. هن چيو ته اتحادي حڪومت آهي سڀني کي حصو بڻجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن صدر جي طبيعت ٺيڪ نه آهي ته الله کيس صحت ڏي، آئين ٽوڙيندڙن جي خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين. هن چيو ته مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شارٽ ۽ ميڊيم ٽرم پلان ٺاهي رهيا آهيون، ڳالهي?? سان قومون ناهن ٺهنديون، آچر تي به ڪم ڪرڻو پوندو، ٻه موڪلون خوشحال قومون ڪنديون آهن. وزيراعظم چيو ته اس??ن ڪنهن کي ڪجهه نه چونداسين، ادارا پنهنجو ڪم ڪندا، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪشمير، افعانستان تي بريفنگ پارليامينٽ ۾ ٿي ته ل??ٽر گيٽ تي ڇو نه، مودي کي مشورو ڏنو آهي ته ڪشمير مسئلو حل ڪر?? پائيدار امن طرف هلون. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي مستقبل تي به مشاورت ٿيندي، تحريڪ انصاف وارا خزانو خالي ڪر?? ويا آهن، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪيو، جيڪي ملڪ دوست بڻجڻ چاهيندا هئا، انه?? سان به لاڳاپا خراب ٿيا. هن وزيراعظم هائوس کي پاڪستان هائوس ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ پوري پاڪستان مان بيوروڪريسي آڻينداسين، بيوروڪريسي تي واضح ڪر?? ڇڏيو آهي ته ميرٽ کان هٽي ڪر?? ڪو ڪم چوان ته منع ڪر?? ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته هر فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو.
آئين ٽوڙيندڙن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين، تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا