اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بل??ست??ن ۽ ڪشمي?? بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پا??ست??ن ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 27 آڪٽوبر جو ڏينهن اسان ڪارو ڏينهن طور ملهائيندا آهيون، تاريخ ۾ اڄوڪي ڏينهن ڀارت پ??هن??ي قابض فوج ذريعي ڪشمير تي حملو ڪيو. اهڙو اظهار هن والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني والار خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پ??هن??ي خاص پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ جي اهڙي داستان شروع ٿي جيڪا اڃان تائين جاري آهي، ڀارت هر ايندڙ ڏينهن والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ۾ واڌ ڪئي آهي، قمر زمان ڪائره چيو ته ڏهاڪن جي هن سفر ۾ ڪشميرين جي عزم، همت ۽ آزادي جي تڙپ ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي، پا??ست??ن ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي حاصلات تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.ڪشمير جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس پا??ست??ن جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس آهي، هن چيو ته پا??ست??ن جو ٻچو ٻچو ۽ هر ماڻهو هن ڪيس کي پ??هن??ي دل جي ويجهو رکي ٿو، ڪشميرين پ??هن??ي حقن لاءِ رت کان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڀارت ڪشميرين تي دنيا جي ڏاڍ جا سمورا هٿيار آزمائي چڪو آهي پر هو ڪشميرين جي جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو. قمر زمان ڪائره چيو ته انشاءُ الله اسان جا ڪشميري ڀائر جلد پ??هن??ي خودمختياري وارو حق حاصل ڪن??ا ۽ پ??هن??ي منزل جو فيصلو پاڻ ڪندا، هن چيو ته موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مسئلي کي دنيا جي فورمز تي اڳيان اڳيان رکن ٿا،هن چيو ته اسان دنيا جي راءِ عامه کي هموار ڪرڻ ۽ انساني حقن جي ادارن کي جاڳائڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين.
ڪشميرين جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين:قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea