اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ٿيو آهي ۽ ماڻهن کي اها ڳالهه باور ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي مل?? آهي ته جلد تشخيص ۾ ئي ڇاتيءَ جي ڪينسر جو علاج ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت ڪهاڻي جي اهتمام هيٺ ”آئون زندهه بچي سگهان ٿي“ جي موضوع تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ت?? ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن جي مدد لاءِ جوبلي انشورنس جي تعاون سان ڪينسر پروڊڪشن پرو??را?? شروع ڪرڻ تي صحت ڪهاڻي کي ساراهيان ٿو، جنهن جي مدد سان مريضن تي پوندڙ مالياتي بار کي گهٽ ڪري سگهبو ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج تي جيڪو خرچ اچي ٿو، ان حوالي سان ماڻهن کي انشورنس فراهم ڪئي ويندي، ان پرو??را?? سان گڏ مفت اسڪريننگ جي سهولت به فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، ڇو ت?? بريسٽ ڪينسر جو علاج ڪافي مهانگو آهي ۽ هڪ عام ماڻهو پنهنجي طور تي ان جي علاج جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙن پرو??را??ن کي مستقبل ۾ وڌيڪ توسيع ڏني ويندي.
ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ٿيو آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2